اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آه??، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جو فيص??و ناهي ٿيو، شراڪتدارن جي مشاورت سان هن اداري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاڪ ڊبليو ڊي ۽ يوٽيليٽي اسٽورز جي بندش سان ملازمن جي بيروزگار ٿيڻ بابت آصفه ڀٽو زرداري، سيد نويد قمر، راجه پرويز اشرف ۽ ٻين جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز کي بند نه پيو ڪيو وڃي، مان پهرين به ??ضا??ت ڪئي آه?? ته صرف اداري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، ملازمن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته جوڙجڪ ۾ ملازمن جي نمائندن سميت لاڳاپيل شراڪتدارن سان مشاورت ڪئي ويندي، يوٽيليٽي ضروري ادارو آه?? ۽ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آه??. ايس او ايز آرڊيننس ۾ واضح آه?? ته ضروري ادارن جي نجڪاري يا ان کي بند نه ڪيو ويندو. آصفه ڀٽو زرداري جي سوال تي هن چيو ته ڪابينه جي ڪارروائي ۾ اهڙو لفظ آيو آه??، جنهن سان شڪ شبها پيدا ٿيا، جڏهن ته اسان تفصيل سان صورتحال کي واضح ڪيو آه??. هي ادارو ڀٽو شهيد قائم ڪيو هو ۽ ان جو مقصد عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ هو، وقت سان گڏوگڏ بي آءِ ايس پي جهڙا ادارا به بڻيا. بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 600 ارب جي لڳ ڀڳ آه??، يوٽيليٽي اسٽورز لاءِ 60 ارب روپين جي سبسڊي جي به منظوري ڏني وئي آه?? ته جيئن ماڻهن کي سستي ۽ معياري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم پاڻ به چاهي ٿو ته عام ماڻهن کي صحيح انداز ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي. شين کي بهتر ڪيو پيو وڃي، صرف يوٽيليٽي اسٽورز نه پر ٻين ادارن جي بهتري لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. سيد نويد قمر جي سوال تي هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جي حوالي سان في الحال ڪو به فيص??و ناهي ڪوي ويو جڏهن ته ان کي بند ڪرڻ جو ڪو به آپشن ناهي، پي ڊبليو ڊي کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يو آه??. ان تي ڪميٽين ڪم ڪيو آه??، مرمت جو ڪم سي ڊي اي جي حوالي ڪيو ويو آه??. هن چيو ته پي ڊبليو ٽي جي چوٿين درجي جي ملازمن کي ٻين وزارتن ۽ کاتن ۾ ضم ڪيو ويندو، باقي ملازمن لاءِ مختلف پئڪيجز جون تجويزون ڏنيون ويون آه??، جن سان انهن جو مستقبل محفوظ ٿيندو. راجه پرويز اشرف جي سوال تي هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جي يونين جي نمائندن کان پوءِ هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي هئي جنهن سان شڪ شبهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ها. هن چيوته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي بندش جو فيصلو ٿي چڪو آه??، 25 هزار نه پر 7 هزار جي لڳ ڀڳ ملازمن جو معاملو آه??. سول سروس ايڪٽ ۾ ترميم متعارف ڪرائي ويندي، ان کان علاوه هڪ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، جتي اثاثه منتقل ٿيندا. ملازمن لاءِ پئڪيجز جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا. اعجاز حسين جکراڻي جي سوال تي هن چيو ته هن ميڊيا آڏو چيو هو ته اسان يوٽيليٽي اسٽورز کي بند ناهيون ڪري رهيا. هن وقت ملازم مطمئن آه?? ۽ ڪم ڪري رهيا آه??. پاڪ پي ڊبليو ڊي جي ڀيٽ ۾ هڪ اٿارٽي بڻجي رهي آه?? جنهن سان بهتري ايندي، ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) مزدورن جي تعليم ۽ صحت لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آه??، اسان به ملازمن جي تحفظ ۾ پرعزم آه??ون. ملازمن جي مفادن جو تحفظ ايڪٽ آف پارليامينٽ ذريعي ڪيو ويندو. پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت صوبائي نوعيت جي منصوبن لاءِ فنڊز صوبن کي ڏنا پيا وڃن. ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ سيد نويد قمر جي سوالن تي هن چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي وٽ منصوبن لاءِ فنڊ صوبن کي ڏنا ويندا. نگران حڪومت اين ايم ايز لاءِ منصوبن لاءِ فنڊ بند ڪيا هئا، اسان ٻيهر اهو معاملو ڪابينه ۾ اٿاريو آه?? ان تي هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آه??. هن چيو ته بهتري لاءِ سڌارا ۽ نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي. پاڪ پي ڊبليو ڊي ۾ هڪ مافيه بڻجي چڪي هئي، اسان بهتري طرف وڃي رهيا آه??ون. ماڻهن ان جي بندش جي آجيان ڪئي آه??.
يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جو فيصلو ناهي ٿيو: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا