اسلام ??با?? – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪ??ي سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يونين ??وسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين ??وسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين ??و صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين ??ي پهرين ??يشيائي عورت صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪ??ي سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يونين ??ي صدر چونڊجڻ سان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستق??ل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين ??ان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان