لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفا??ي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آ??از اٿارينداسين، پاڪستان جي اقليتن تي اسان کي فخر آهي، پاڪستاني جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو ڪردار هميشه هاڪاري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماڊل ٽائون ۾ اقليتن جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومت هر فورم تي آ??از اٿاريندي. وزيراعظم محمد شهباز شري?? جي واضح هدايت آهي ته اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر به ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اقليتن جي حقن لاءِ هر جاءِ تي آ??از اٿارينداسين، حڪومت توهان جي حقن جي تحفظ جي ضامن آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مون کي لاهور مان ايم اين اي جي ٽڪيٽ ڏني ۽ منهنجو ان تڪ سان تعلق آهي، جتي 70 هزار عيسائي ووٽرز جو مان نمائندو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تڪ مان جيتري محبت ان ڪميونٽي مان ملي آ??ي، ڪنهن ٻئي مان نه. هن چيو ته اسيمبلي ۾ به جڏهن ڪو واقعو هجي يا ڪميونٽي ٿورو خوف محسوس ڪري ته اسان اتي به انهن جو حوصلو وڌائيندا آهيون ۽ انهن جو آواز اٿاريندا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم طور هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هميشه رواداري جو پيغام ڏنو آهي. سمورين اقليتن ۽ آرمڊ فورسز جي آ??يسرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي دعوت تي هتي آ??ا. اسان کي توهان تي فخر آهي، پاڪستان زنده باد، پاڪستان جون اقليتون پائيندا باد. وفا??ي وزير تقريب ۾ هڪ سک شاعر جو شعر به پڙهيو.
اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين: وفاقي وزير عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena