اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي وئي. پاڪستان طرفان يورپ لاءِ ايڊيشنل پرڏ??هي سيڪريٽري شفقت علي خان هوائي اڏي تي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پرڏ??هي آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن واري دوري دو??ان پاڪستاني قيادت، ڪابينه ميمبرن، نوجوانن جي اڳواڻن، سول سو??ائٽي جي نمائندن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندي. سيڪريٽري جنرل 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ موسمي تبديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي. سندس دوري دو??ان ٻئي ??ريون پاڪستان ۽ ڪامن ويلٿ وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جا ترقياتي منصوبه، نوجوانن کي با اختيار بنائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.
ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان پهچي وئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا