لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه??، ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آه??، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. چين جي سرڪاري اداري چائنا پبلڪ ڊپلوميسي ايسوسيئيشن جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري تان واپس آيل صحافين جي 7 رڪني وفد گذريل ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي هاڻوڪي چين جي دوري ۾ چيني قيادت ۽ چيني عوام طرفان مثالي مهمان نوازي تي انهن جو ٿورائتو آه??ان، چين جي هاڻوڪي دوري کان پوءِ مفاه??تي يادداشتن ۽ معاهدن تي اڳڀرائي جي پاڻ نگر??ني ڪري رهيو آه??ان. هن چيو ته پاڪستان ۾ چين جي رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم ??نيا پيا وڃن. هن چيو ته چين جهڙي پراڻي دوست سان لاڳاپن تي سياست جي ڪنهن به قسم جي گنجائش ناهي، سي پيڪ جي ٻي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد جاري آه??. هن چيو ته چيني ماهرن جي پاڪستان جي هاڻوڪي دوري ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آه??. ملاقات ۾ سڌسماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ به موجود هو. صحافين جي وفد ۾ دنيا نيوز جو سلمان غني، عامر مير، هم نيوز جو شيراز حسن، روزنامه جنگ جو خضر حيات، ڊان نيوز جو خالد حسنين، جيو نيوز جو اعظم ملڪ ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مطيع الرحمان شامل هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران تجربن ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪيو. وفد پنهنجي چين جي دوري دوران ٿيل ملاقاتن جي بنياد تي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي ??هم??ت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي چيني قيادت ۽ چيني عوام جي پاڪستان حڪومت بابت تاثرن کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري خاص طور چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي ڪم جي موجوده رفتار ۽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪو??تي قدمن تي اطمينان جو تاثر ڏٺو پيو وڃي. چيني عهديدارن شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم جي سڌارن وارن قدمن جي به تعريف ڪئي. وفد ۾ شامل ٿيندڙن ٻڌايو ته سندن هاڻوڪي دوري دوران چيني عهديدارن سان ملاقات ۾ چين پاڪستان معاشي شراڪتداري باري ۾ عام طور ۽ سي پيڪ تي خاص طور گرم جوشي جو تاثر مليو.
سي پيڪ جهڙي قومي نوعيت جي ترقياتي منصوبن تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد