لاهور – 04 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ و??ير??عظم سان گڏ آهن. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني و??ير??عظم لي ڪي ڪيانگ جي خصوصي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيان موجب و??ير??عظم جو چين جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ج?? ٻئي مرحلي ۽ پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. و??ير??عظم پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾چيني شهر شينزن ويندو. و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي ڪ??روباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ جي لاءِ چين جي شهر شينزن ۾ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته و??ير??عظم چيني ون ونڊو آپريشن جي مشاهدي جي لاءِ نانشان ون ونڊو ۽ هواووي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو. و??ير??عظم دوري جي ٻئي مرحلي ۾ بيجنگ ويندو جتي سندس چين جي اعل??ٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي. و??ير??عظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو. و??ير??عظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عهديدارن، مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ و??ير??عظم عوامي يادگار (پيپلز يادگار) جو دورو پڻ ڪندو. و??ير??عظم پنهنجي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان ويندو جتي مقامي قيادت سان ملاقات سميت و??ير??عظم چين جي زرعي ترقي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مشاهدي جي لاءِ ماڊل فارمز ۽ گرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪندو. دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نه رڳ?? سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، اسٽريٽجڪ حصيداري پر واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع، قومي ۽ علائقائي سلامتي، توانائي، خلائي تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنر ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ مثبت رخ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ