اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ز??عي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اي پي ايم ٽرمينلز ۽ بورڊ ميمبر اي پي مولر ميئرسڪ ڪيٿ سوينڊسن جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيٿ سوينڊسن ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان منصوبي جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا نمائندا به شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ز??عي شعبي ۽ ماحول دوست توانائي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڪيٿ سوينڊسن پاڪستان جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ڊينمارڪ جو سفير جيڪب لنلف، واپارو، ناڻي، سامونڊي معاملن وارا وفاقي وزير ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. تجويز ڪيل منصوبي جي تعمير سان ڪراچي جي بندرگاهه ۾ وڏا ڪارگو جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا. ان منصوبي سان وچ ايشيائي ملڪن تائين سڄي دنيا مان ڪارگو آساني سان پهچائي سگهبو. اي پي ايم ٽرمينلز لاهور، ترنول ۽ پشاور ۾ پڻ عالمي معيار جي لاجسٽڪس اس??ور??ج فيسليٽي تعمير ڪندي. تجويز ڪيل منصوبي سان پوري دنيا کي پاڪستاني برآمدات تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿ??ند??. ان منصوبي جي ڪري لاجسٽسڪ جي لحاظ کان پاڪستان خطي جو مرڪز بڻجي و??ند??. ان منصوبي سان پاڪستاني مصنوعات جي قدر ۾ اضافو ڪرڻ جو موقعو پيدا ٿ??ند?? جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملندو ۽ معيشت وڌيڪ ترقي ڪندي.
وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين گرين ٽرانس شپمنٽ ٽرمينل جي تعمير جي لاءِ ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : ریل رش