اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي ??سي??بلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب ج?? گورنر انجنيئر بليغ الرحمان، بلوچستان جي گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، خيبرپختونخو??هه جي گورنر حاجي غلام محم??، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پنجاب ج?? وزيراعليٰ مريم نو??ز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ بحريه جي سربر??هه ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ فضائيه جي سربر??هه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو، نئين چونڊيل قومي ??سي??بلي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد محمد نو??ز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حمزه شهباز، عليم خان، راجا ظفرالحق، احسن اقبال، خواجه محمد آصف، مرتضيٰ جاويد عباسي، فاروق ستار سميت ٻيا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا. واضح رهي ته شهباز شريف ان کان اڳ هڪ ڀيرو وزارت عظميٰ جڏهن ته ٽي ڀيرا پنجاب ج?? وڏي وزير جي عهدي تي رهي چڪو آهي، هو پهريون ڀيرو 11 اپريل 2022ع کان 14 آگسٽ 2023ع تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي رهيو. هو ٽي ڀيرا پنجاب ج?? وڏو وزير رهيو. هو 1988ع کان 1990ع تائين پنجاب ??سي??بلي جڏهن ته 1990ع کان 1993ع تائين قومي ??سي??بلي جو ميمبر رهيو، 1993ع کان 1996ع تائين پنجاب ??سي??بلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ هو پنجاب ج?? وڏو وزير بڻيو ۽ 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو. 2008ع ۾ هو چوٿون ڀيرو پنجاب ??سي??بلي جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو. ان مدي ۾ 2013ع تائين هو پنجاب ج?? وڏو وزير رهيو. 2013ع جي عام چونڊن ۾ هن صوبائي ??سي??بلي جي ٽن ۽ هڪ قومي ??سي??بلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هو ٽيون ڀيرو پنجاب ج?? وڏو وزير چونڊيو.
نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی