اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آه??، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي ??ي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آه??. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آه??، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آه??، فائونڊيشن جو مقصد معياري، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آه??، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ?? تربيت جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ??دارن جو اهم ڪردار آه??، يتيم ٻارن جي تعليم ?? خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آه??. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيو.
ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ٻارڙين جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث