جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو و??و آهي ته فلسطيني عوام خلاف ??وزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ڪشي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چيو و??و ته او آءِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف ??سرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪ??ڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو و??و.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ