اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??مورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پن??نجي خط ۾ لکيو ته پاڪ??تا?? ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ آهي، سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ان حوالي سان پاڪ??تا?? تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان پاران مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??مهوريت ئي پاڪ??تا?? جي ??يا??ت ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، ماڻهن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پن??نجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت جو روح آهي. پن??نجي خط ۾ صدر چيو ته ??هو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ??ن ڏس ۾ نگران حڪومت جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي آئين جي آرٽيڪل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان جمهوريه جي اتحاد جي علامت آهي، آئين موجب سمورن ادارن سميت صدر ۽ وزيراعظم شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن. صدر لکيو ته پاڪ??تا?? جي آئين جو آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??ئين جي آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چيو ته ??ئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط، آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ