ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقليتن جي حق?? جو تحفظ به آئين ??ي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي تقرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين ??ياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جه??ا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپارٽي اقليتن جي حق?? ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين ??ادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپارٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جه??ن حق?? جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه ??ين??ير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. ??ين??ير ڀٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ??ي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ۽ سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين ??ي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪا??ين?? ۾ به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غيرمسلمان شهرين ??ي حق?? ۽ ڀلائي جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپارٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حق?? جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپارٽي ڏياري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب