اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، راندين جون سرگرميون نوجوانن کي مثبت طريقي سان پنهنجون توانائيون استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا، حڪومت پاڪستان ۾ اسپورٽس جي ترقي ۽ راندين جي فروغ لاءِ قومي پروگرام جي شروعات ڪئي، حڪومت اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو، ??ول??پڪ وليج قومي منصوبو آهي، ??ول??پڪ وليج جي تعمير جي لاءِ ڪارپوريٽ اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ ان جي تعمير جي نگراني ماهر ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ ??ول??پڪس وليج جي تعمير تي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ مارگلا جي دامن ۾ 1200 ڪينال تي ??ول??پڪس وليج تعمير ڪيو ويندو. اولمپڪس وليج ۾ عالمي معيار جي راندين جون سهولتون جن ۾ ڪرڪيٽ اڪ??ڊم??، عاليم ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، هاڪي گرائونڊ، ٽينٽ پيگنگ، ايٿليٽڪس اسٽيڊيم، ان ڊور اسپورٽس، انٽرنيشنل هوٽل ۽ پارڪنگ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون ??ڻ ڏنيون وينديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ??ول??پڪس وليج جي تعمير جي لاءِ 3 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم ??ول??پڪس وليج جي تعمير ۾ شفافيت جي عنصر کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores