اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي ??اق??ي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي ??وش?? ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي ??وش?? ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار