لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان واقعي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ??هي. محمد شهباز شريف جي يو ??ءِ جي امير مولانا ضيا الله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ??ه دهشتگردن اسلام، قرآن ۽ پاڪستان جي ڳالهه ڪندڙن کي نشانو بنايو ??هي. وزيراعظم چيو ??ه دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پاڪستان جي دشمنن کي ڌرتي تان ختم ڪري ڇڏينداسين. وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ??ه واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت سزا ڏني ويندي. وزيراعظم جيو ??ي ڪيمرامين سميع الله سميت ڌماڪي ۾ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت ۽ انهن پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ??راهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت، مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز