اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ??اڪ??تان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني ه?? وقت افغانستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ ??اڪ??تان جي خصوصي نمائندي جي ح??ثي?? سان پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. هن چيو ته آصف دراني دوري دوران افغانستان جي وقتي نائب وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري وقتي وزير نورالدين عزيزي، صحت واري وقتي وزير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري وقتي وزير شيخ ندا سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته ??اڪ??تان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ?? علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ??اڪ??تان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سان فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.
پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف دراني هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری