اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چي?? آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ گڏجي قومي يڪجهتي، اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان ??اڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪريون، ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا، ماضي ۾ اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ملڪي ترقي جا منصوبا مڪمل ٿي چڪا هجن ها، بهاره ڪهو منصوبي سان عوام کي تمام گهڻي سهولت ملندي، موجوده سپهه سالار ملڪي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ هر وقت سرگرم رهي ٿو، بهاره ڪهو منصوبو 9 مهينن جي مختصر مدي ۾ سمورين مشڪلاتن جي باوجود مڪمل ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊي جي اين ايل سي ميجر جنرل فرخ، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل کانسواءِ اعليٰ عملدارن ۽ عوام جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چي?? ته اڄ منهنجي لاءِ دلي سڪون ۽ اطمينان جو ڏينهن آهي. جڏهن آئون ۽ محمد نواز شريف گهرڀاتين سان گڏ پهريون ڀيرو مريءَ ويا هئاسين ته ٽريفڪ نه هجڻ جي برابر هئي پر پوءِ مري روڊ تي ٽريفڪ جا مسئلا پيدا ٿيندا ويا. هن چي?? ته پوري ملڪ ۾ گليات، مري ۽ آزاد ڪشمير جي لاءِ ٽريفڪ بهاره ڪهو روڊ تان گذري ٿي جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاڪ رهندي هئي. عوام جي لاءِ ٽريفڪ جو مسئلو عذاب بڻجي چڪو هو. اهو منصوبو جيترو جلدي مڪمل ٿئي ها ته بهتر هو. وزيراعظم چي?? ته 10 مهينا اڳ ان ??نصوبي جي شروعات ٿي ته زمين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ??سئلا پيدا ٿيا. باءِ پاس منصوبو واپاري منصوبو نه هو پر قائداعظم يونيورسٽي کان زمين حاصل ڪرڻ مشڪلاتون پيدا ٿيون. معاملو عدالتن تائين ويو. هن چي?? ته رستو ڏيڻ عين عبادت آهي. هن چي?? ته مشڪلاتن کي دانشمندي سان ??نهن ڏيڻ گهرجي. ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا. يونيورسٽي عدالت وئي ته اسان ??نهنجو ڪيس پيش ڪيو، عدالتي فيصلي کانپوءِ ان ??نصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪيو ويو. وزيراعظم چي?? ته سمورين مشڪلاتن جي باوجود الحمدالله اهو منصوبو 9 مهينن ۾ مڪمل ٿيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته دير آيو پر درست آيو. الحمدالله اڄ اهو منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي. پوري پاڪستان جي لاءِ ٽريفڪ ۾ آساني ٿيندي ۽ پئسو ۽ وقت بچندو، ان سان ??احوليات جي صورتحال به بهتر ٿيندي. وزيراعظم منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي عوام کي دل جي گهراين سان ??بارڪباد ڏيندي چي?? ته اهو منصوبو محمد نواز شريف جو ويزن هو. سازش جي ذريعي ان جي حڪومت کي نه هٽايو وڃي ها ته اهو منصوبو ۽ ٻيا منصوبا ڪيترائي سال اڳ مڪمل ٿي چڪا هجن ها. مسافرن ۽ عوام جي لاءِ ٽرانسپورٽ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. بجلي سان ??لندڙ بسون اينديون ته ماحوليات جي مسئلي جي حوالي سان صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. وزيراعظم محمد ??هباز شريف چي?? ته جڏهن انسان ارادو ڪري ۽ مقصد نيڪ هجي ته الله تعاليٰ به مدد ڪري ٿو ۽ محنت ڪريون ته ان سان رنگ ڀرجن ٿا. وزيراعظم ان ??نصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل کي شاباس ڏني ۽ چي?? ته هن ماضي ۾ ڪيترائي عوامي نوعيت جا منصوبا مڪمل ڪيا. وزيراعظم چي?? ته اين ايل سي بهاره ڪهو منصوبي ۾ وڏي محن?? سان ڪم ڪيو. هن ڊي جي اين ايل سي ميجر جنرل فرخ ۽ سندس ٽيم ۽ حنيف عباسي ۽ طارق فضل چوڌري جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم چي?? ته انمنصوبي تي 74 هزار ٻوٽا هنيا ويا آهن پر ان جو انگ وڌايو وڃي. وزيراعظم چي?? ته اسلام آباد جي سياسي قيادت ۽ ساٿين جو ٿوائتو آهيان ته انهن ان ??نصوبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. وزيراعظم چي?? ته اسلام آباد کي خوبصورت بڻايو ويندو. وزيراعظم چي?? ته منهنجو هڪ ئي مقصد آهي ته سياستدان ۽ ادارا گڏجي ملڪ کي اهڙي راهه تي گامزن ڪن جو آزادي جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جي روحن کي سڪون پهچي. هن ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ٿئي ۽ آزادي جي مقصد کي مڪمل ڪري سگهجي. وزيراعظم چي?? ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اسان سڀني تي ڏکيو وقت آيو. وزيراعظم چي?? ته هن ملڪ جو اسان سڀني کي خيال ڪرڻو آهي. مشڪل حالتن جو مقابلو ڪندڙ ئي ان کي سمجهن ٿا. انتهائي قابل ٻارن وٽ وسيلا نه آهن جڏهن ته اهي اسان کان ??ڌيڪ ذهين ۽ محنتي آهن. 75 سالن کان ??سيلن جي ونڊ ورڇ سڀني جي سامهون آهي. حويلي بهادر شاهه منصوبي جو ذڪر ڪندي هن چي?? ته منصوبي تي 70 ارب رپين جي لاڳت جو ڪاٿو هو ۽ مون ٺيڪو ڏئي ڇڏيو. 2018ع کان اڳ پهرين ٽربائين اچي وئي. 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻ هو. پوءِ چار سال منصوبو بند ڪيو ويو جنهن سان ??نصوبي تي لاڳت ٻيڻي ٿي وئي. جڏهن ماڻهو هڪ وقت جي ماني جي لاءِ محنت ڪن ٿا ته ان ??نصوبي تي ضايع ڪيل 70 ارب رپيا لکين ٻارن، ٻارڙين جي تعليم صحت ۽ روزگار جي لاءِ استعمال ٿي سگهيا پئي. اعليٰ يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ 4، 5 پي ڪي ايل آئي ٻيون ٺهي وڃن ها. اهو هڪ مثال آهي ته ڪيئن ملڪ کي تباهه ڪيو ويو. وزيراعظم چي?? ته اڄ وقت آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃون. مشڪلاتون موجود آهن، اينديون پر الله تعاليٰ جي ڪرم سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چي?? ته جڏهن ڪا قوم فيصلو ڪري ڇڏي ته اسان کي تقدير بدلائڻي آهي ته خدا به مدد ڪري ٿو ۽ اهو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته اڄ مون کي توهان سان اها ڳالهه ڪرڻي هئي ته اسان ??يصلو ڪريون ته اسان گڏجي مشاورت سان ??لڪ جي مف??د ۾ ڪم ڪنداسين. قومي يڪجهتي، مشاورت ۽ قومي اتفاق سان ترقي ڪنداسين. پريشان ??يڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن اسان ??يصلو ڪري وٺون ته ڪجهه سالن ۾ اسان ان سطح تي هونداسين جتي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ??هچي چڪو هو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چي?? ته گذريل 15 مهينن ۾ جيتري ترقي اسلام آباد ۽ پوري ملڪ ۾ ٿي خدا گواهه آهي ته ايتري ترقي ماضي ۾ نه ٿي. هن چي?? ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي قيادت ۾ ان دوران رڪارڊ منصوبا مڪمل ڪيا ويا. هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي عوام پاران ??ورا مڃيندي چي?? ته اسلام آب??د ۾ 50 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ آهي. ماضي ۾ ترقياتي منصوبا ڳوٺاڻي علائقن ۾ نه ٿيندا هئا پر شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 200 ارب رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا جن مان 90 سيڪڙو مڪمل ڪيا ويا. هن چي?? ته ان کان اڳ سي ڊي اي ٻهراڙي وارن علائقن تي ڌيان ??ه ڏنو. هن چي?? ته وزيراعظم جي هدايتن ۽ سي ڊي اي چيئرمين جي ڪوششن ۾ ڳوٺاڻي علائقن ۾ اربين رپين جا منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن. طارق فضل چوڌري چي?? ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف وفاقي گادي واري شهر جي ڳوٺاڻي علائقن تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي جنهن تي ڳوٺاڻي علائقن جي عوام دل سان ??ورائتي آهي. هن وڌيڪ چي?? ته بهاره ڪهو منصوبو سان ??ه رڳو علائقي جي عوام پر سياحن کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن اسلام آب??د ۾ ويجهي مستقبل ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ جاري منصوبن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان اسلام آب??د ۾ شهري سهولتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو. تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي چي?? ته پوري قوم وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي ٿورائتي آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن جيڪو وزيراعظم جي ڪوششن جو اعتراف آهي. هن چي?? ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڏيڍ سال جي گهٽ مدي ۾ وفاقي گادي واري شهر ۽ راولپنڊي ۾ ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا، ڪيترائي نوان ??نصوبا به شروع ڪيا پيا وڃن. هن چي?? ته اسلام آباد انتظاميا ۽ سي ڊي اي جي ٽيم ڀرپور محن?? سان ڪم ڪيو، ڏينهن رات هڪ ڪري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو جنهن کي برقرار رکڻ گهرجي. هن چي?? ته 75 سالن کانپوءِ اسلام آب??د ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، چي?? مان 107 اليڪٽرڪ بسون تمام جلد پاڪستان ??هچي وينديون جنهن جي لاءِ ايل سي کولي وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ڪمشنر اسلام آباد ۽ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل چي?? ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ 20 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ پارڪس، رستن جي تعمير کانسواءِ ٻيا منصوبا به شامل آهن. هن چي?? ته پهريون ڀيرو وسيلن ۽ سهولتن جو رخ وفاقي گادي واري شهر جي ڳوٺاڻي علائقن طرف موڙيو پيو وڃي. تقريب ۾ نورالامين مينگل اسلام آب??د ۾ مختلف ترقياتي منصوبن کانسواءِ ماحوليات جي شعبي جي بهتري ۽ عوامي سهولتن جي اضافي جي لاءِ سي ڊي اي جي قدمن تي پڻ روشني وڌي.
وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ گڏجي قومي يڪجهتي، اتفاق راءِ ۽ مشاورت سان پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪريون: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II