اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن بلز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊفينس ها??وس??گ اٿارٽي اسلام آباد (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏني، بل جو مقصد ڊفينس ها??وس??گ اٿارٽي اسلام آباد 2013ع ترميم ڪرڻ آهي. صدر پيٽروليم (ترميمي) بل 2023ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جو مقصد پيٽروليم ايڪٽ 1934ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر عارف علوي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2023ع جي به منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر بلز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج