اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدا??اض??يٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظ?? شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدا??اض??يٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبار?? ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظ?? شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظ?? شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام ??لي??ف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ ??يڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام ??لي??ف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام ??لي??ف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظ?? شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ