اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ اي??ان جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ اي??ان جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي ملڪن جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي طرفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن ر??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل واپاري ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي ??ي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي اي??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنجي اي??اني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ اي??ان جي ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ملاقات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – اي??ان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد امير آبادي فرحاني سان جدا ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي ??ي او) جي سيڪ??يٽ??ي جنرل خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي ??ي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي سيڪ??يٽ??ي ناليواري اي??اني ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي اي??اني دانشورن ۽ اسڪالرز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.
پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena