اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي ع??دالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو، سندس شخصيت سادگي جو عم??ي نمونو هئي، رڳو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ هن اسان جي مٿان گهرا نقش ڇڏيا آهن، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مفتي ع??دالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته مفتي ع??دالشڪور جو دين سان گهرو لڳاءُ هو، عم??ي طور تي هو عظيم رهبر، باعمل عالم ۽ بهترين سياستدان هو، پنهنجي علائقي ۾ مسجد سان گڏ ان جو ننڍو گهر هو، هن پنهنجي چونڊ مهم به موٽرسائيڪل تي هلائي ۽ ماڻهن ان جي شخصيت کان متاثر ٿي ان کي چونڊيو، جڏهن فيصلو ڪيو ويو ت?? مشڪل معاشي صورتحال جي ڏس ۾ ڪابينا جا ميمبر به پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن مان پنهنجو حصو وجهن ته مفتي صاحب مون کي ايمان جي طاقت جي زور تي انتهائي خلوص سان چيو ته وزيراعظم صاحب آئون اها ڪٽوتي نه ڪرائي سگهندس، هن مرد موم?? بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجي معاشي حالتن بابت مون کي ٻڌايو، اهڙا ماڻهو اڄ ڳولڻ سان به نه ٿا ملن، انهن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، هو هڪ عظيم شخصيت ۽ سادگي جو عم??ي نمونو هو، ان جي لاڏاڻي تي اسان سڀ ڏکويل آ??يون، هو جي يو آءِ (ف) جي مٿي جو جهومر هو.
مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور هڪ باعمل عالم، نيڪ صالح ۽ ايماندار انسان، عظيم رهبر ۽ بهترين سياستدان هو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گرم گرم