ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي?? حنا رباني کر ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ور??اءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪندي. مملڪتي وزي?? حنا رباني کر سرحدي علائقي جي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي جي لاءِ سرحد?? بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزي?? حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس