اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي ا??هن تي زور ڏن?? ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو ??حت??ام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چي?? ته قر??ن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چي?? ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چي?? ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قر??ني آيت جو پڻ حوالو ڏنو ج??هن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ ا??هن کي ٻڌاي?? ته ايوان صدر اصل ۾ ا??هن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏي??هن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ ا??هن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.
سخت محنت زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی