اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي رمضان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الحمدالله رمضان مه??ني جي سعادتون ۽ برڪتون هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي مليون آهن، رمضان مه??ني ۾ مسلمان امت ۽ پاڪستان جي بهتري لاءِ خصوصي دعائون ڪريو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم رمضان المبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رمضان الله ڪريم جي رحمتن ۽ برڪتن جو خصوصي مه??نو آهي. وزيرا??ظم الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي. وزيرا??ظم چيو ته الله تعاليٰ جي آڏو پاڪستان جي خوشحالي ۽ سربلندي، دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي خصوصي دعا ڪريو، اجتماعي مغفرت، انسانيت جي بهتري ۽ آفتن کان بچاءُ جي لاءِ خصوصي دعا جي اپيل ڪئي آهي، الله تعاليٰ هن مبارڪ مه??ني کي اسان جي اجتماعي بخشش، انسانيت جي بهتري جو ذريعو بڻائي.
دعا آهي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری