ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ انهن کي ز??دگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي جيڪو قوم جو تمام وڏو نقصان آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ اشرافيه وٽ معاشري جي ان نظرانداز طبقي جي مدد ۽ ترقي جي لاءِ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اها تعليم يافته نوجوانن ۽ اشرافيه جي ذميواري آهي ته اهي انهن پٺتي پيل ٻارن کي مفيد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اقراءَ يونيورسٽي جي 20 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حسين لاکاڻي گروپ جو چيئ??مي?? نويد لاکاڻي، اقراءَ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارم اسد، اڳوڻا شاگرد، استاد ۽ پڙهائي پُوري ڪري نڪرندڙ شاگ??دن جا والدين پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر صحت ۽ تعليم کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين تي ز??ر ڏنو ته اهي پنهنجي شاگ??دن کي روزگار جي قابل هنر سان ليس ڪن، انهن جي تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن کي فروغ ڏين ته جيئن اهي پنهنجي ذاتي ۽ پيشيوارا??ي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهن. صدر شاگ??دن تي ز??ر ڏنو ته اهي پنهنجي تعليمي ۽ پيشيوارا??ي زندگي دوران قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي هلن. هن چيو ته شاگ??دن کي ز??دگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ معاشري ۾ ساٿي انسانن سان پنهنجي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حقوق العباد جي ادائيگي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪميونيڪشن جي موثر صلاحيتن کي پڻ اڀارڻ گهرجي. هن شاگ??دن تي ز??ر ڏنو ته اهي سڄي ز??دگي سکڻ وارا بڻجن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي علم ۽ هنر کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوانن مان وڏيون اميدون آهن ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ جدت، تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ نمايان تبديلين کان پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي روشناس ڪرائي سگهجي. صدر ملڪ کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ جديد تعليم کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن فارغ ٿيندڙ شاگ??دن کي نصيحت ڪئي ته اهي نظم ۽ ضبط ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن کي فروغ ڏين. صدر چيو ته ڪاليجن ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، نوجوان متوازن زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ تندرستي جو خيال رکن. هن يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي ۽ اڳوڻي شاگ??دن تي ز??ر ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون پڻ پوريون ڪن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بهترين تعليمي ڪارڪردگي تي شاگ??دن ۾ گولڊ ميڊل پڻ ورهايا. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 800 کان وڌيڪ شاگ??دن کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا.
افسوس آهي جو پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ