اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ??نيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا بيان ??اڪستان کي بد??ام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس ??هن. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ??اڪستان جي خلاف تازن بيانن جي سلسلي ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ??نيل بي بنياد ۽ فضول الزامن کي رد ڪري ٿو. ترجمان چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جو فرضي داستان ۽ پاڪستان ??خالف پروپئگنڊه جي ذريعي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. مسلسل پاڪستان ??خالف بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ڀارت جي نڪ جي پڪائي سان ??لوث هجڻ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي تي پڙدو وجهي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ پاڪستان جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ جو سلسلو بند ڪري. رڳو ڪجهه هفتا اڳ هڪ ڊوزيئر جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا جيڪي 2021ع ۾ لاهور جي هڪ پرامن پاڙي ۾ ٿيندڙ دهشتگرداڻي حملي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. 2007ع جي سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۾ ڀارتي سرزمين تي 40 کان ??ڌيڪ پاڪستاني شهرين جي مارجڻ کان ??ٺي 2016ع ۾ ڀارتي بحريه جي حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي پاڪستان جي اندران گرفتاري تائين، دهشتگردي ۽ تخريبڪاري ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود ??هن.
پاڪستان پاران ڀارتي پرڏيهي وزير پاران هنيل بي بنياد ۽ فضول الزام رد، اهڙي قسم جا بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ڀارت جي ناڪامي تي وڌندڙ مايوسي جا عڪاس آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha