اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ما??هن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي ۽ ما??هن کي اها ڳالهه باور ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي ته جلد تشخيص ۾ ئي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو علاج ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت ڪهاڻي جي اهتمام ه??ٺ ”آئون زندهه بچي سگهان ٿي“ جي موضوع تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي مدد لاءِ جوبلي ا??شو??نس جي تعاون ??ان ڪينسر پروڊڪشن پروگرام شروع ڪرڻ تي صحت ڪهاڻي کي ساراهيان ٿو، جنهن جي مدد ??ان مريضن تي پوندڙ مالياتي بار کي گهٽ ڪري سگهبو ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج تي جيڪو خرچ اچي ٿو، ان حوالي سان ما??هن کي ا??شو??نس فراهم ڪئي ويندي، ان پروگرام ??ان گڏ مفت اسڪريننگ جي سهولت به فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي، ڇو ته بريسٽ ڪينسر جو علاج ڪافي مهانگو آهي ۽ هڪ عام ما??هو پنهنجي طور تي ان جي علاج جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙن پروگرامن کي مستقبل ۾ وڌيڪ توسيع ??ني ويندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ٿيو آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria