بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوب?? جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستان جي لاءِ 50 ڪروڙ يوان جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يني ڪميونسٽ پارٽ?? جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباه?? جي ڏس ۾ پاڪستان جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ چين جي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپ?? جي علائقائي ۽ عالمي مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي وابستگي کي ورجايو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحال?? جي پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چين سان پاڪستان جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوست?? جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪ چين دوستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ٿي ۽ اهو بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم ??ين جي خوشحال?? جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي چين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال?? جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي مع??مل?? تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي ورجايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوب?? جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوب?? جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي وسيع مع??مل?? جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحال?? جي ڪوششن جي لاءِ 500 ملين يوان جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقين جي توثيق ڪئ?? جيڪو عالمي امن ۽ خوشحال?? جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي، صحت جي وبائي مرضن ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙن موجوده چئلينجن جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب رياستن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم مع??مل?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائقائي رابطن جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات، ايم ايل ون کي شروعاتي هارويسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا