اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏي?? اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق ??ميت ٻيا قانون منظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين پاران وزيراعظم جي قي??دت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا پار ڪ??دي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گڏي?? اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏي?? اجلاس ۾ قانونسازي جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏي?? اجلاس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون منظور ٿيا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II