اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اس??ول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ??ڪومت اي پي ايس پشاور سانهي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قدم ??ڻي?? متاثر وال??ين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿي عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي، عدالت حڪم ڏي، ايڪشن کڻندس. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ??ڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪي فائنڊنگ نه آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ??ربين رپيا انٽيلي جنس تي خرچ ٿين ٿا، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته ??نٽيلي جنس ڪٿي هلي وڃي ٿي، عوام ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ جي لاءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار ۽ سپاهين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ۾ ته ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ??دارن کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، سڀ کان نازڪ ۽ آسان هدف اس??ول جا ٻار هئا، اهو ممڪن نه آهي ته ??هشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، متاثره وال??ين کي تسلي ڏيڻ ضروري آهي، وال??ين چاهين ٿا ان وقت جي اعليٰ عملدارن جي خلاف ڪارروائي ٿئي. ٻڌڻي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير علي زيدي، خاص معاون علي نواز اعواڻ، سينيٽر عون عباس بپي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي عدالت کي آگاهه ڪيو ته ??ڏهن اي پي ايس پشاور سانحو ٿيو ته ??وبي ۾ اسان جي حڪومت هئي، واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هئس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي جي وقت اس??ول جي ٻارن جا وال??ين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو به مداوو ڪري سگهيندي هئي ڪيو، سمورين سياسي پارٽين اختلافن کي هڪ طرف رکي اي پي ايس سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگردي جي خلاف اسان جنگ ان لاءِ کٽي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، اسان جو اسامه بن لادن ۽ افغانستان جي صورتحال سان ڪو واسطو نه هو، آئون چوندو رهيس ته ??مريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيو، آمريڪي دٻاءُ تي مشرف ٻاهرئين جنگ ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسند پاڪستان اچي ويا، طالبان حڪومت کانپوءِ اڍائي لک ماڻهو پاڪستان جي رستي ٻاهر ويا، انهن ماڻهن جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ روپوش ٿيا، اسان جو نائن اليون سان ڪو تعلق نه هو، متاثر وال??ين جيڪي نالا ڏنا انهن مان ڪير مقدس ڳئون نه آهي، قانون جي بالادستي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، اخلاقي ذميواري تحت ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، عدالت ڪميشن ٺاهي، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ??ي پي ايس سانحي تي ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. ان دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ??هو نه ٿا چئون ته ??يف آءِ آر داخل ڪريو، ماڻهن جي خبر ته پوي ته ??ميوار ڪير آهي، شهيدن جي وال??ين کي ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، ڪجهه نه ڪجهه ڪاروائي ته ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ??يرجانبداري سان وال??ين جي نامزد ماڻهن کان جاچ ته ٿئي، توهان کي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، عدالتي حڪم ۾ نالا واضح آهن، اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري سگهي ٿي، عدالت کي خاطري ڪرايو توهان ايڪشن کڻندا، واضح قدم کڻي عدالت کي آگاهه ڪريو، تعين ڪريو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري هئي، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته ??انحي جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا، سمجهون ٿا ته ??انحو ان وقت جي حڪومت جي ناڪامي هئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته ??فغانستان جو مسئلو حل ٿيڻ تائين مسئلو رهندو، وزيراعظم عمران خان عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس، اسان نيشنل انٽيلي جنس ڪوآرڊينيشن ڪميشن ٺاهي جيڪا معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪجهه ملي ٿو ته ڪارروائي ڪريو، 7 سالن کان ڪنهن وڏي جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، هاڻي توهان بااختيار وزيراعظم آهيو. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مظلوم جو ساٿ ته ??هو ئي آهي ته ??الم جي خلاف ڪارروائي ٿئي. اعليٰ عدليه وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته ??ڪومت اي پي ايس پشاور سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مثبت قدم ??ڻي?? حڪومت وال??ين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل