اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي آرڪائيوز جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ تحفظ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي جڏهن ته آرڪائيوز جي موثر انتظام جي سلسلي ۾ رهنمائي جي فراهمي جي لاءِ ڪابينا ڊويزن ايڊوائيزري بو??ڊ جوڙي. هو نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ??ري رهيو هو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه نيشنل آرڪائيوز بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي لاءِ پي سي ون جي منظوري ڏني وئي آهي. حڪومتي ۽ تاريخي رڪارڊ جي 40 لک صفحن کي ڊيجيٽل ۽ 30000 خستا دستاويزن کي محفوظ بڻايو ويندو. ان موقعي تي صدر هدايت ڪئي ته تاريخي رڪارڊ جي تحفظ جي عمل کي جلد کان جلد لا??و ڪيو وڃي. هن چيو ??ه دستاويز قوم جو قيمتي اثاثو آهن، جن کي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي ضرورت آهي، وف??قي ۽ صوبائي حڪومتن جي گزٽ، مغليه دور جي شاهي حڪمن ۽ آزادي کان اڳ ۽ بعد جا ٻيا اهم دستاويز محفوظ ڪيا وڃن.
قومي ۽ تاريخي اهميت جي رڪارڊ ۽ دستاويزن کي خاص طور تي محفوظ بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت