اسلام آبا?? – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پا?? پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، زندگي ج?? هر ميدان ۾ ٻنهي ج??انن جي سردار عالم صلي الله عليه واله وسلم جي سي??ت طيبه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيدميلاد النبي ﷺ جي مقدس موقعي تي پا??ستاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پا?? پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پا?? سڳورن کي نه رڳو مسلمانن لاءِ پر ٻنهي ج??انن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، زندگي ج?? هر ميدان ۾ ٻنهي ج??انن جي سردار ﷺ جي سي??ت طبيه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي زندگي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ج?? ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فضا درود ۽ سلام جي ن??را??ن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي پا??ستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي تاقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين خالي ڪشميرين کي انهن جو حق ملي ۽ اتحاد امت ۽ اتحاد بين المسلمين لاءِ به دعا ڪئي.