لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائين?? جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري آه?? ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آه??، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آه?? ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آه??. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آه??، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري ??ني?? ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ويو آه??. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون س??ڀل??ي رهيون هيون، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري ??ني?? ڊيلٽا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آه??. وفاقي وزير چيو ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پيدا ٿي وئي آه??، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي رهي آه?? ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ حڪومت اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿي ته ان سان پاڪستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، ج?? صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آه??، انه?? صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي رهي آه?? ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سنڌ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آه??، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آه?? ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آه??. هن چيو ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته وفاق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آه?? پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگهن، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.
سنڌ حڪومت جا قدم پاڪستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں