اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قي??دت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل اوپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميش?? آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شف??فيت آڻڻ لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ٽي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبوت موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شف??فيت جي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.
يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے