اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف پارٽي ۾ تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا رخ مختلف ۽ اختلاف کلي سامهون اچ?? چڪا آهن، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحريڪ ۾ زور پيدا ٿيڻ بدران مايوسي ۽ شڪست وارو ماحول اڀري رهيو آهي، نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم ۽ بلاول سميت سموري مخالف ڌر پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿي، مخالف ڌر ٻٽي معيار بدران فيصلو ڪري ته انهن کي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻي آهي يا ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو آهي، مولانا فضل الرحمان سدائين غيرجمهوري طري??ا استعمال ڪيا انهي لاءِ اڄ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن بغاوت جو عَلم بلند ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا ڇهين آدمشماري ۽ هائوسنگ سينس 2017ع رپورٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي اجازت، زرعي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ??يڙ??ڪاري بورڊ ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزير جي شموليت جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندڙن جي پنهنجي خلاف تحريڪ شروع ٿي وئي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے