اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لا??ِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ??وڏ متاثرين جي مدد لا??ِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آه??، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آه??، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گ?? آه??، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آه?? اهي سڀني جي سامهون آه??، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.
وزيراعظم جمعي تي ڪراچي جي دوري دوران جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن