اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??فغ??نستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به ??فغ??ن صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن ??فغ??نستان ۾ ڪورونا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظ??ار ڪيو ۽ ان اميد جو اظ??ار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان ??فغ??ن صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاشي ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن ??فغ??ن امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??فغ??نسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين ال??فغ??ن ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.
افغانستان جي صدر اشرف غني جي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ