اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پا??ٽي??ن حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، مخالف ڌر پا??ٽي??ن چاهين ٿيون ته ملڪ ۾ معاشي بحران اچي ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌي، حڪومت احتساب تي ڪ??هن به قسم جو ٺاهه نه ڪندي ۽ بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا فرق جي احتساب جو عمل ج??ري رهندو. مخالف ڌر پا??ٽي?? جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي بدعنواني جا سنجيده ڪيسز آهن، بلاول ڀٽو جو نيب کي بند ڪرڻ ۽ نيب چيئر??ين کي گهر وڃن جي حوالي سان بيان کل جوڳو آهي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جا قانون ملڪ جي ل??ءِ آهن، ڪ??هن حڪومت لاءِ نه آهن، ايف اي ٽي ايف جا قانون اسان جا تجويز ڪيل ناهن پر اسان کي عالمي ادارن جي اميدن موجب ان تي عمل ڪرڻو آهي، اميد آهي ته عيدالاضحيٰ کان اڳ ايف اي ٽي ايف قانون پاس ٿي ويندو.
نيب قانونن ۾ ترميمن جي حوالي سان مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن