اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) عالمي سطح تي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ح??ال?? سان سڄي دنيا تائين ڪشميرن جو آواز پهچائڻ جو موثر ذريعو پارلياماني سفارتڪاري آهي، ان سلسلي ۾ قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سڄي دنيا جي پارليامينٽس تائين ڪشمير جي صورتحال واضح ڪرڻ، پارلياماني سفارتڪاري جي ذر??عي موثر ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي. تفصيل موجب قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڀارتي آئين جي شق 370 ۽ 35 اي جي خاتمي جي ذر??عي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدم جي فوري بعد پارلياماني سفارتڪاري جو سلسلو شروع ڪيو ۽ هن بين الپارلياماني يونين جي 189 ملڪن جي پارليامينٽن کي خط موڪليا جنهن ۾ هن چيو ته ڀارت جي ان ڀيانڪ قدم خطي جي ڳنڀير صورتحال کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي، هن پنهنجي خط ۾ مطالبو ڪيو ته دنيا جون چونڊيل پارليامينٽس ڀارت جي انسانيت لڄائيندڙ ڏوهن جي خلاف آواز بلند ڪن.
دنيا تائين ڪشميرن جو آواز پهچائڻ جو موثر ذريعو پارلياماني سفارتڪاري آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania