اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) پاڪستان نيوي ۾ پاڪ ميرينز جي قيام جا 27 سال مڪمل ??يڻ تي مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ منهوڙي ۾ قائم پاڪ ميرينز جي ه??ڊڪ??ارٽرز ۾ اهم تقريبن ۽ سرگرمين جو انعقاد ڪيو ويو، ڪمانڊر ڪوسٽ ريئر ايڊمرل معظم الياس ان سلسلي جي مرڪزي تقريب جو خاص مهمان هو، هي ڏينهن ملهائڻ جو ??قصد پاڪ ميرينز جي دليراڻي ڪاررواين ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ هو، ان سلسلي ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ پاڪ ميرينز جي آفيسرن ۽ جوانن جي گهرڀاتين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ??ڏي تعداد شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سي پي اوز ۽ سيلرز جي حوصلن کي وڌيڪ بلند ۽ توانو ڪرڻ جي لاءِ دفاع وطن ۾ انهن جي ڪردار کي ساراهيو ويو ته جيئن هو وڌيڪ سگهه ۽ محنت سان ملڪ جي حفاظت جو ??رض انجام ڏئي سگهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں