اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ??صف ڪرماڻي چيو آهي ته انهن سوالن جا جواب گهرجن ??ه جي آءِ ٽي جي ميمبرن جي قطر وڃڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه لڪل آهي، اهي دبئي کان ٿي واپس ڇو اچي ويا انهن جو قطر نه وڃڻ حقيقتون لڪائڻ جي برابر آهي. فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران صح??في?? سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن ڪيس ۾ 3 فريادي عمران خان، سراج الحق ۽ شيخ رشيد آهن. ثبوت گڏ ڪرڻ تي پئسو خرچ ڪرڻ فريادي جو ڪم آهي پر هتي جي آءِ ٽي فريادي بڻيل آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته لنڊن ۾ لا فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي اجاز?? ڪنهن ڏني ته اهڙي طرح قوم جو پئسو ضايع ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔