اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪري دن??ا کي حق جي حفاظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي. وزيراعظم اها ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي تي قوم جي ن??لي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اسان کي ڪربلا جي ياد ڏياري ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ صداقت جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام ع??لي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪيو ۽ دن??ا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ ب??يادي حق آهي جيڪو دين اسلام جي تعليم جي عين مطابق آهي، حق جي حفاظت ڪرڻ پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي اهو پيغام آهي جيڪو رسو?? صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اسان کي ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته دن??ا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ استقامت جو ڪو به مثال موجود نه آهي، امام ع??لي مقام جو هي پيغام پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج