نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 71 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي معاون ط??رق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ٻيا پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل ٽن سالن دوران آمريڪي صدر سان پ??هنجي تعميري ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا، گڏيل خواهش تي ٻڌل رهيا آهن ۽ اها حصيداري علائقائي امن ۽ استح??ام کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ اهم آهي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک