باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط ??وس??ياتي معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪي??. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري موجب ڪوپ-29 ??وس??ياتي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي موقعي تي شيخ محمد بن زايد ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لاءِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري ميراث ۽ عزم کي اجاگر ڪي??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان لڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي ميزباني ڪئي جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئي. هن چيو ته ??وس??ياتي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن سان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن ??وس??ياتي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ منفرد موقعي تي طور پيش ڪي?? ۽ اهو نوٽ ڪي?? ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪي?? تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي منتقلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪي?? ۽ گذريل مالياتي وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ ??وس??ياتي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ ج?? ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪي?? ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم کي ترجيح ڏين ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪي??. هن ڪيترن ئي وفدن جي سربراهن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي ??وس??ياتي ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 ??وس??ياتي ڪانفرنس جي ميزباني با??و ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس