گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي)صحت واري عالمي اداري ??يو آهي ته سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سب?? فوتگين جي ??نگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او طرفان ان حوالي سان جاري ??يل انگن اکرن مطابق گذريل سال ان بيماري سب?? 4000 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جيڪي 2022 ع جي ڀيٽ ۾ 71 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ ان بيماري جي رپورٽ ٿيل ڪيسن جي ??نگ ۾ پڻ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنگين، ماحولياتي تبديلين، محفوظ ۽ صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي خراب سهولتن، غربت، محرومي ۽ قدرتي آفتن سب?? آبادي جي لڏ پلاڻ گذريل سال ان بيماري سب?? فوتگين جي ??نگ ۾ اضافي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. رپورٽ مطابق وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ ڪالرا بيماري جي ڪيسن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ۽ آفريقا ۾ 125 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ڪيترن ئي ملڪن ڪالرا وبا سب?? ڪميونٽي فوتگين جو اطلاع ڏنو. جتي ماڻهن کي صحت جي سهولتن تائين مڪمل پهچ حاصل نه هئي. سڀ کان وڌيڪ 222،249 ڪيس افغانستان ۾ رپورٽ ٿيا. ان کان سواءِ ڪانگو، ملاوي، موزمبيق ۽ هيٽي ۾ پڻ 30، 30 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. ماهرن مطابق جيتوڻيڪ ويڪسينيشن ڪالرا جي وبا کي روڪڻ جو هڪ اهم ذري??و آهي پر پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جا اصول ان کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ بيمارين کي روڪڻ لاءِ واحد ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار حل آهي. واضح رهي ته ڪالرا جي وبا آنڊن جو شديد انفيڪشن آهي جيڪو خراب خوراڪ ۽ خراب پاڻي سب?? ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ اهو آساني سان علاج جوڳو آهي پر صفائي تائين محدود پهچ واريون آباديون ان کان وڌيڪ متاثر ٿينديون آهن.
سڄي دنيا ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري سبب فوتگين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ