تهران- 29 جنوري (اي پي پي) ايران هڪ ڏينهن ۾ هڪ ئي وقت 03 مصنوعي سياره خلا ۾ اماڻي ڇڏيا آهن. العربيه نيوز ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو آهي ??ه 03 سياره ايران جي دفاع واري وزارت جي تيار ڪيل سي مرگ نالي سيٽلائيٽ ڪيريئر ريڪيٽ ذريعي خلا ۾ اماڻيا آهن. انهن ٽنهي ??يارن مان هڪ جو وزن 32 ڪلوگرام آهي ??ڏهن ته باقي ٻن سيارن جو وزن 10-10 ڪلو کان گهٽ ٻڌايو پ??و وڃي. انهن سيارن مان هر هڪ کي 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين اماڻيو ويو آهي ??ڏهن ته انهن سان لڳايل 02 ننڍڙيون ڊوائيسز جيو پ??زيشننگ ۽ مواصلاتي رسائي جو ڪم ڪنديون. ايران انهن سيارن مان سڀ کان وڏي سياري جو نالو مهدا ڏنو آهي. جيڪو خلا ۾ وڏي مقدار ۾ ڪارگو کڻي وڃڻ لاءِ سي مرگ راڪيٽ جي اهليت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندو.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina