اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز ??يانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مون ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز ??ياني کي لغام ڏيڻ گهرجي، الح??د ا??له دنيا اسان جي موقف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز ??ي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي روڪڻ ??ي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ا??له تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلامو فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
نفرت انگيز بيانيي کي لغام ڏيڻ گهرجي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena