اس??ام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود اس??ام آباد ۾ ره??دڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اس??ام آباد ۾ منعقد ٿي??دڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رک??دڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمب?? ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقر??ي ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿي??دڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪ??دو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران ڪم جي آجيان ڪندي، پرڏيهي سيڪريٽري ميمب?? ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پاران ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪ??ا ويا، پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.
پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود جي اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات،او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي تيارين کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری