منڊي به??ءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن ت?? ا??هن جي گهر وارا به اعتماد نه ٿا، انهن جي گهر وارا به چون ٿا ته انهن وٽ پئسا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي ويندا، هي وڏا چور آهن، انهن چورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گهرجي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئ?? ا??جنڊا ??هي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان ک?? ا??هن کي ڪيسن مان نڪرڻ ناهي ڏيڻو، انهن کي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن چيو ته اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي ??هي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن چيو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي ۽ نان قهوي تي جلسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿيندا آهن. هن چيو ته منڊي به??ءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، چيو ويندو هو ته جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، اڄ ثابت ٿي ويو ??هي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿين ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو نظام ??يڪ ڪرڻو ??هي ته اسان رڳو عمران خان تي اعتماد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته عمران خان منڊي به??ءُ الدين ۽ جهلم جي عوام لاءِ تاريخي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي به??ءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي به??ءُ الدين جي عوام اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.
عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن تي انهن جي گهر وارا به اعتماد نه ٿا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria