ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻڌاي?? ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اقليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻڌاي?? ويو ته سي ايس ايس جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي ايس سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي کي ايف پي ايس سي جي ساليا??ي رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.
صدر پاران اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : números quina hoje